رومن ڪيٿولڪ چرچ جو 266هون سربراهه، عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانس 88 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ويٽيڪن جي ڪيمرلينگو ڪارڊينل ڪيون فيرل سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اڄ صبح 7:35 تي روم جو بشپ، فرانسس، پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. پوپ فرانس گذريل ڪجهه مهينن کان ڦڦڙن جي بيماري ۽ نمونيا ۾ مبتلا هو ان جي باوجود هن ايسٽر آچر جي ڏينهن 20 اپريل 2025 تي سينٽ پيٽرز اسڪوائر ۾ (اربي ايٽ اوربي) دعا به ادا ڪئي. ويٽيڪن موجب پوپ فرانس جون آخري رسمون بيسليڪا آف سانتا ماريا موگيريو ۾ ادا ڪيون وينديون جنهن جي هن پاڻ وصيت ۾ هدايت ڪئي هئي. ويٽيڪن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پوپ فرانسس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ويو آهي ته ان جي سموري زندگي خداوند ۽ چرچ جي خدمتن لاءِ وقف رهي. پوپ فرانسس جنهن جو اصل نالو خورخي ماريوبرگوليو هو، ارجنٽينا جي شهر بيونس آئرس ۾ پيدا ٿيو ۽ 2013 ۾ پوپ چونڊجيو هو. هو نه صرف پهريون لاطيني آمريڪي هو. پوپ فرانسس پنهنجي دور ۾ چرچن ۽ پوپانيت ۾ اصلاحات جي لاءِ ذڪر جوڳو ڪم ڪيو. پوپ فرانسس سماجي انصاف ۽ ماحوليات جي حفاظت لاءِ به پڪا قدم کنيا، ياد رهي ته اهو پهريون پوپ آهي جنهن کي ويٽيڪن سٽي جي ٻاهران دفن ڪيو ويندو. ياد رهي ته پوپ فرانسس ڊگهي بيماري کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي صحتياب ٿي اسپتال مان فارغ ٿيو هو. آچر تي ڏنهن عيسائين جي مذهبي تهوار ايسٽر جي موقعي تي ملاقاتون به ڪيون هيون. پوپ فرانسس 17 ڊسمبر 1936ع تي بيونس آئرس، ارجنٽائن ۾ پيدا ٿيو، هو آرچ بشپ جي حيثيت سان عوامي خدمت جي جذبي سان مشهور هو، پوپ فرانسس سڄي دنيا ۾ امن، رواداري ۽ مساوات جو سفير پڻ بڻيو. وزيراعظم شهباز شريف رومن ڪيٿولڪ چرچ جي پيشوا پوپ فرانس جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پوپ فرانسس جي لاڏاڻي سموري دنيا خاص طور تي مسيحي برادري جي لاءِ هڪ برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان آهي، پاڪسان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان ويٽيڪن سٽي، عالمي مسيحي برادري ۽ سڄي دنيا ۾ سندس چاهيندڙن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.