ملڪ ۾ برسات سبب صورتحال بهتر ٿيڻ لڳي، ارسا صوبن جي پاڻي فراهمي وڌائي ڇڏي

ملڪ ۾ تازين برساتن سبب پاڻي جي دستيابي ۾ اضافي کان پوءِ ارسا صوبن کي پاڻي جي فراهمي وڌائي ڇڏي آهي. ارسا ترجمان موجب پنجاب کي 23 هزار 800 مان وڌائي پاڻي جي فراهمي 64 هزار 800 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي جڏهن ته 10 هزار ڪيوسڪ جو اضافو ڪري سنڌ جو حصو 45 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. ارسا ترجمان چيو آهي ته بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي 500 ۽ خيبرپختونخواهه کي 1900 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته خريف جي لاءِ پاڻي جي کوٽ جو اندازو 43 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 27 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. ٻئي طرف آبپاشي کاتي واري وفاقي وزير ميان معين وٽو چيو آهي ته هر صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪري سگهي ٿو. ڪئنالن جو معاملو غلط فهمي ۽ مشاورت نه ٿيڻ سبب تڪرارن جو شڪار ٿيو آهي. هن چيو ته چولستان ۾ بنجندڙ ڪئنالن تي اعتراض ڪيو پيو وڃي حالانڪه اڳ کان موجود فارمولا جي تحت انهي ڪئنالن کي پاڻي ڏنو ويندو .  هن چيو ته هاڻ ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن، اهو معاملو خوش اصلوبي سان طئي ڪيو ويندو.