سنڌ جي صحافين سنڌو درياهه مان ڪئنالز ڪڍڻ خلاف ببرلوءِ باءِ پاس تي جاري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري وڪيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪئنال منصوبي خلاف نعريبازي ڪئي۔ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس، سکر يونين آف جرنلسٽس، ميرپورخاص يونين آف جرنلسٽس، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، شاگرد تحريڪ جي هيرو ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر، ميمبر ايف اي سي لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جام فريد لاکو، جنرل سيڪريٽري ايس يو جي جاويد جتوئي، ميرپورخاص يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ شوڪت پنهور، صدر ميرپورخاص پريس ڪلب نذير پنهور، صدر سکر پريس ڪلب ظهير لوڌي، سحرش کوکر، نويد کُهڙو، اعظم مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قافلي جي صورت ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس پهچي، وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ وڪيلن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي۔ ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، مٿان وري وفاق سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ ٿو چاهي، جنهن سان ڪروڙين انساني جانيون ۽ زراعت کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي۔ هنن چيو ته ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ جو عوام، سياسي ۽ سماجي تنظيمون سراپا احتجاج آهن ۽ وڪيل به عملي ميدان ۾ لٿل آهن، تنهنڪري ڪئنالن وارو منصوبو فوري طور بند ڪري سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي۔