ڪشمور: ڌاڙيلن جو پوليس موبائيل تي حملو، ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار زخمي، ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي

ڪشمور ٿاڻي جي حد نائچ ڳوٺ ڀرسان ڌاڙيلن طرفان پوليس جي موبائيل تي اوچتو حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ڪشمور زياد علي نوناري سميت ڇهه پوليس اهلڪار گولين جو کاڄ بڻجي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ايس ايڇ او ڪشمور زياد علي نوناري پوليس اهلڪار اسد سولنگي، ارشاد مڙهيو، شاهه غازي، خان محمد جکراڻي ۽ عبدالوهاب جکراڻي شامل آهن. حملي کانپوءِ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ايس ايڇ او زياد علي نوناري، پوليس اهلڪار اسد سولنگي ۽ ارشاد مڙهيو جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي کين سکر  جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ شهر خوف حراس ڇائجي ويو جڏهن ته وڏي انگ ۾ شهرين اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ پوليس سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. زخمي حالت ۾ به ايس ايڇ او زياد علي نوناري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع تي پوليس ساٿي ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتا هئاسين، جتي ڌاڙيلن پوليس کي ڏسندي ئي شديد فائرنگ شروع ڪري ڏني. هن چيو ته ڌاڙيلن کي للڪاريون ٿا ۽ ڪشمور جي عوام جي تحفظ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جنگ جاري رهندي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور زبير نظر شيخ ۽ اي ايس پي محمد عاشر به تعلقي اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ واقعي بابت جاچ جو حڪم ڏنو. پوليس طرفان ڌاڙيلن خلاف وڏي پئماني تي آپريشن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.