“بخشاپور لڳ بنگوار ۽ ڀٽا برادري جي جهيڙي جي خاتمي لاءِ ضلعي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ – ڌريون صلح لاءِ تيار”

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ بخشاپور لڳ بنگوار ء ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪائونسل ڪشمور جي چيئرمين جي اڳواڻي م منٿ ميڙ جو قافلو ڪچي واري علائقي درياء پار ڪري بنگوارن وٽ پهتو ڀٽا برادري جي ٻن ڄڻن جي قتل م ملوث ناهيون سائين محمد شاھ غوثپور وارو ٻن ڌرين جي معاملي جي جاچ ڪري بنگوار برادري جي منٿ ميڙ جي اڳيان ڳالهيون تفصيل موجب بخشاپور لڳ ڪجھ ڏينھن اڳ بنگوار ء ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين م جهيڙي دوران فائرنگ م گوليون لڳڻ سبب چار ڄڻا قتل ٿي ويا هئا جڏهن ته 10 ڄڻا ماڻهو زخمي ٿي پيا ھئا ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويٺل آهن ڀٽا ء بنگوار برادري جي ٻن ڌرين م جهيڙي جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪائونسل ڪشمور جي چيئرمين گل محمد خان جکراڻي جي اڳواڻي م منٿ ميڙ جو قافلو ڪچي واري علائقي درياء پار ڪري بنگوارن برادري جي متاثرن صدرالدين بنگوار محبت بنگوار بنگوار وٽ پهتو منٿ ميڙ م سيد محمد شاھ سيد سانول شاھ محبوب علي خان جکراڻي سردار زادا نياز علي خان بنگوار رئيس عطا ء الله ڀٽو ڄام مير حسن سانگي ء ٻيا شامل هئا منٿ ميڙ مان ڏيندي چيو ته ڀٽا برادري جي ٻن ڄڻن جي قتل م ملوث ناهيون جڏهن ته اسان جا ٻه نوجوان قتل ء ڪجھ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جنهن جو زير علاج ھيٺ ھلي پيو هنن وڌيڪ چيو ته سيد محمد شاھ جي اسرار تي صلع لاءِ تيار آهيون ڪجھ معاملي جو اختيار به سيد محمد شاھ کي ڏنو آهي ڌرين جي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي ٻئي طرف ڀٽا برادري جو چوڻ آهي ته بنگوار ء ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين م چار ماڻهن جي قتل جي معاملي جو فيصلو ٿيڻ گهرجي جيڪو ڌر ملوث هجي ڌر پنهنجي غلطي تسليم ڪري ياد رهي ته ڪجھ ڏينھن اڳ بنگوار ء ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين م معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن م ٻن ڌرين جا چار ڄڻا قتل 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ھئا