“تنگواڻي لڳ زميندار جو ملازم ڌاڙيلن هٿان اغوا، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب – علائقي ۾ خوف جو ماحول”

ڪنڌڪوٽ; تنگواڻي لڳ نامعلوم ڌاڙيلن جو راجا غوث بخش خان بجاراڻي جو ملازم هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ڌاڙيلن پاران ڀنگ طلب ڪيو مغوي جي گهر م روڄ راڙو مچي ويو علائقي م خوف وارو ماحول ڇانيل تفصيل موجب تنگواڻي لڳ ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ راجا غوث بخش خان بجاراڻي م زمين تي ويل زميندار راجه غوث بخش خان بجاراڻي جو ملازم محمد حسن ملڪ کي ڌاڙيلن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا گهر نه پهچڻ تي ڳولا ڪئي وئي ڌاڙيلن پاران وارثن کان هڪ ڪروڙ روپيه ڀنگ طلب ڪئي نه ڏيڻ تي مارڻ جون ڌمڪيون اسان غريب مسڪين آهيون جو ڌاڙيلن کي ڀنگ ڏئي سگهون اسان ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪيون ته مغوي کي فوري طور تي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي علائقي م خوف ء حراس پکڙجي ويو آهي مغوي جي گهر م روڄ راڙو مچي ويو آهي