ٺڪراٺو: ٺڪراٺي ۾ سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيش جي شاھُ لطيف اسڪول ۾ ڌرتي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪولي شاگردن تقريرون ٽيبلوز پيش ڪري ويٺلن کان خوب داد وصول ڪري واھُ واھُ ڪرائي ڇڏي اڄ ڌرتي جي عالمي ڏينهن تي اسان پنهنجي اسڪول ۾ شاگردن جي حوصلا افزائي لاء تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ شاگردن جي محنت ڏسي دل خوش ٿي وئي آھي اسان چاهيون ٿا ته علائقي جو هر ٻار تعليم حاصل ڪري اسڪول آپريٽر تعليمدان محمد حسن منگي (ٺڪراٺورپورٽ ) ٺڪراٺي جي شاھ لطيف سيڪنڊري اسڪول ۾ ڌرتي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ٽيبلوز پيش ڪري ويٺلن کان خوب داد وصول ڪيو ان موقعي تي اسڪول جي استادن نور احمد مهتم تعليمدان محمد حسن منگي پرويز حسن منگي خليل احمد گل اشفاق احمد سومرو شھزاد منگي سعيد احمد منگي قطب الدين مهتم امان الله مهتم ڀائي خان منڱريو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول آپريٽر تعليمدان محمد حسن منگي جو چوڻ ھو ته اسان اڄ جيڪا تقريب ڪوٺائي آھي ان جو مقصد اسڪول ۾ داخل شاگردن توڙي شاگردياڻين جي حوصلا افزائي لاء آھي جئين شاگردن کي پنهنجو ٽيلينٽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اسان جي علائقي جو هر ٻار چوڪري توڙي ڇوڪري وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري سگهن جئين اسان جي علائقي جو هر ٻار پڙھي سگهي ته جئين پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن