سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رڪارڊ گرمي، موسميات کاتي هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

 موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. انهي دوران سخت گرمي جي لهر سبب شهرين کي خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي طرفان اڄ کان 30 اپريل تائين سنڌ جا مختلف علائقا هيٽ ويو جي هيٺ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. انهي دوران گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري وڌيڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو. موسميات جي ماهرن ٻڌايو آهي ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ گرمي معمول کان 4 کان 6 ڊگري اضافي وڌڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي 38 جڏهن ته ڇنڇر تي وڌ کان وڌ گرمي پد 39 ڊگري کان مٿي ٿي سگهي ٿو. ٽن ڏينهن جي دوران ڪراچي ۾ گرم ۽ وچولو موسم رڪارڊ ٿي سگهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائون لاڳيتو بحال رهي سگهن ٿيون.