”غوثپور ڀرسان ارڙي جي وبا، 2 ساله آسمہ فوت، وڌيڪ ٻار خطري ۾“

ڪنڌڪوٽ : غوثپورشھر ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي۔ شھر ويجهو ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاھي واري علائقي ۾ ارڙي جهڙي موذي مرض سبب 2 ورهين جي معصوم نينگري آسمہ اوڳاھي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ارڙي وڳي فوتي ٻار جو تعداد ٻه ٿي ويو آهي۔ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته وڌيڪ ٻه ٻار ارڙي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ ڪري سندن جو علاج سکر اسپتال ۾ هلندڙ آهي۔ متاثر ڳوٺاڻن صحت کاتي جي اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڳوٺ ۾ ارڙي جي بچاء لا۽ جلد ويڪسين لڳرائي ٻين ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن