ٺڪراٺو: ڀرسان بيواھ عورت جي گهر تي هٿياربندن جي مبينا چڙهائي سندس جوان نياڻي کي اغوا ڪرڻ جو ڪوشش متاثر بيواھ جو نياڻي سميت جوابدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٺڪراٺو(رپورٽ) ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ سخيرو ڦلپوٽو ۾ بيواھ مسمات حليمه ڦلپوٽو جي گهر تي گهوٽڪي واسين سندس برادري جي ماڻهن پاران چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي سندس جوان نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪرڻ تي بيواھ جي پيرسن سئوٽ کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو عورتن جي دانهن تي ڀر ۾ رهندڙ مائٽن کي ڏسي جوابدار فرار ٿي ويا، بيواھ جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش خلاف بيواھ عورت مسمات حليمه ۽ ٻين مائي رابعه ڦلپوٽو ربنواز ، غلام مصطفي، جيئند ڦلپوٽو جن دانهيندي الزام هنيو ته مومل جي ماڙي جي رهواسين سندن برادري جي ماڻهن سانوڻ ڦلپوٽو، پوليس اهلڪار قربان علي، احسان علي، ظفر علي ڦلپوٽو ۽ چئن نامعلوم هٿياربندن پاڙيسري محرم مڱريو جي مدد سان سندس گهر تي چڙهائي ڪري نوجوان ناري شهنيلا ڦلپوٽو کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي پيرسن عبدالحڪيم ڦلپوٽو کي ڌڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي عورتن جي دانهن تي اوڙي پاڙي وارا نڪري آيا جنکي جوابدار ڏسي فرار ٿي ويا هوڏانهن ٿاڻو صالح پٽ جي وڏي منشي سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪئي آهي ۽ زخمي پرسن کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي علاج لاء سکر موڪليو آهي ميڊيڪل ليٽر اچڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪندا سين احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي__