سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي سموري ملڪ ۾ هيٽ ويو جو الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب موسمياتي ماهرن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي انهي سلسلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گرمي جي شدت معمول کان ڪافي وڌيڪ رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي. هيٽ ويو جو اثر اڄ کان 30 اپريل تائين جاري رهندو. مٿانهين فضا ۾ هوا جو دٻاءُ داخل ٿي چڪو آهي جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ علائقن کي متاثر ڪندو. اهڙي طرح پنجاب جو ڏکڻ وارو علائقو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين پنجاب ۾ به گرمي پد 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن پي ڊي ايم به پنجاب جي وڏن شهرن ۾ اڄ کان پهرين مئي تائين سخت گرمي جي لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب سج باهه جا گولا وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، خشڪ موسم سبب گرمي جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي. صوبائي راڄڌاني لاهور به سخت گرمي هيٺ اچي چڪو آهي. لاهور ۾ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 41 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي. اڳڪٿي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن جي دوران برسات جو ڪوبه امڪان ناهي ۽ موسم خشڪ ۽ گرم رهندو. ملڪ ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي سان گهرن ۽ آفيسن ۾ ايئر ڪولر ۽ اي سي جو استعمال به وڌي ويو آهي. موسميات کاتي موجب 30 اپريل کان پوءِ برسات وسائيندڙ هوائون ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿينديون. اهڙين هوائن سبب ڪشمير، اسلام آباد، اتر، اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ ڳڙو پئجي سگهي ٿو. پهرين مئي کان پوءِ ملڪ ۾ هيٽ ويو جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.