پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته ڀارت پنهنجي سيڪيورٽي ڪوتاهي لڪائڻ جي لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خلاف ڀارت ۾ منفي پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي، شازيه مري چيو ته ڀارتي عوام تي ترس اچي رهيو آهي انهن کي سيکاريو ڇا ويو ٻڌايو ڇا پيو وڃي. هن چيو ته ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي بازار کي گرم ڪري رکيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم جي رد عمل ۾ انهن تي پٿراءُ ٿيندو آهي، مودي سرڪار والاريل ڪشمير ۾ 7 لک فوج جي سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگرد پهلگام پهچي ويا ته ڇا ڀارتي سيڪيورٽي فورسز چڻا کائي رهي هئي؟ بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ڀارت وڃي ثابت ڪيو ته اسان امن چاهيون ٿا ڀارت کي غلط فهمي نه ٿيڻ گهرجي اسان هر قسم جي جارحيت جو جواب جارحيت سان ڏينداسين.