11

انڊس واٽر ڪميشن ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو

 انڊس واٽر ڪميشن ڀارت طرفان معاهدي جي معطلي جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ گهرو وزارت، آبي ذخيرن واري وسائل ۽ انڊس ڪميشن جي ماهرن تي ٻڌل ٿنڪ ٽين جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٿنڪ ٽينڪ هنگامي بنيادن تي معاهدي جي معطلي تي پنهنجي راءِ  ڪابينه کي ڏيندي، وزيراعظم ماهرن جي راءِ تي وڌيڪ حڪمت عملي جو فيصلو ڪندا. انڊس واٽر ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي قانوني، آئيني پوزيشن ڀارت جي مقابلي ۾ مضبوط آهي. سنڌ طاس معاهدي کان هٽي ڀارتي هڪ طرفو غلط قدم کنيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان جلد قانوني ماهرن جي رپورٽ جي روشني ۾ ورلڊ بينڪ وڃڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. پاڪستان طرفان گڏيل قومن سان رابطي سميت ٻيا سفارتي  قدم به غور هيٺ آهن. ياد رهي ته ڀارت ڪجهه ڏينهن اڳ والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام جي سياحتي هنڌ تي ٿيل فالس فليگ آپريشن جو جواز ٺاهي پاڪستان سان 1960ع ۾ عالمي بينڪ جي  ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيل دريائن جي پاڻي جي ورهاست جي سنڌ طاس معاهدي تان هڪطرفي  معطلي جو اعلان ڪيو هو. پاڪستان طرفان ڀارت کي ٻن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگي آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي ملڪيت پاڻي کي روڪيو ويو يا انهي جي وهڪرن کي موڙيو ويو ته انهي کي جنگي قدم تصور ڪيو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو