ڪراچي ۾ 28 اپريل تي ٿيندڙ ٻارهين ڪلاس جا امتحان ملتوي، نئين تاريخ سامهون اچي وئي

 اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي 28 اپريل کان شروع ٿيندڙ ساليانا امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا. رپورٽ موجب انٽر بورڊ جي پڌرائي موجب هاڻ اهي امتحان 5 مئي 2025 کان شروع ٿيندا، امتحانن جي تاريخ ۾ تبديلي ٻن سببن جي آڌار تي ڪئي وئي آهي. انٽر بورڊ موجب اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ طرفان جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي سفارشن تي پرچن ۾ گريس مارڪس ڏيڻ جو عمل به جاري آهي. ڪراچي ۾ ڪجهه اهڙا امتحاني مرڪز آهن جن ۾ 28 اپريل تائين ميٽرڪ جا امتحان جاري آهن ۽ انهن مرڪزن کي انٽر بورڊ جي امتحانن لاءِ به امتحاني مرڪز ٺاهيو ويو. امتحانن ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻ جي لاءِ انٽر بورڊ جي امتحانن جي شروع واري تاريخ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته بورڊ آف انٽرميڊيٽ ۾ اڃان تائين ڪوبه نئون چيئرمين نامزد نه ٿي سگهيو آهي، سرچ ڪميٽي طرفان چونڊيل 2 چيئرمين انٽرميڊيٽ بورڊ جو چارج وٺڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن.