ڪنڌڪوٽ پوليس ڀتاخوري کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام انسانيت سان پيار ڪندڙ ڪن ڳلي جو مشھور ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار ڀوڄواڻي جي پٽ کي ڏوھارين جي ڌمڪي بعد صبح سوير گھر جي در تي چار گوليون ھڻي فرار ٿي ويا گوليون لڳڻ سبب دروازي کي سوراخ ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي ڪنڌڪوٽ شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ھندو پنچائت اڳواڻن صحافي، وڪيل ۽ شھري وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽر سريش ڪمار سان اظھار ھمدردي لاءِ گھر پھتا واقعي تي پوليس ٽيم به پھچي اي ايس پي جي اڳواڻي ۾ پھتل ٽيم واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪري وئي انھي حوالي سان متاثر ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار ٻڌايو ته ھڪ ھفتو اڳ ۾ پٽ ڏي ڏوھارين جي ڌمڪي جي ڪال آئي ھئي جيڪا ايس ايس پي زبير نظير شيخ کي آفيس ۾ وڃي معلومات ڏني جنهن يقين ڏياريو ته ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ٻيھر ڪال نه ايندي جنهن جي باوجود پوليس ڪجهه نه ڪيو جنهن ڪري ڏوھارين قاتلاڻو حملو ڪيو آهي قاتلاڻي حملي بعد شھر جي سوشل ورڪرن، معززين شھرين ڀرپور ساٿ ڏنو ميڊيا وارن به ساٿ ڏنو م ڪافي دوستن ايس ايس پي سان رابطو ڪيو آهي منهنجي ھڪ ھي مطالبو آهي ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪري مون کي ۽ منهنجي خاندان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي،