ڪراچي: گلشن حديد لنڪ روڊ تي ڪينالن خلاف احتجاجي ڪيمپ تي پوليس چڙهائي، لاٺي چارج، ڪيترائي وڪيل زخمي حالت ۾ گرفتار

 ڪراچي جي علائقي گلشن حديد لنڪ روڊ تي ڪينالن جي خلاف احتجاجي ڪيمپ تي پوليس چڙهائي دوران پوليس  اهلڪار ۽ وڪيل آمهون سامهون ٿي ويا، پوليس اهلڪارن جي لاٺي چارج سبب ڪيترائي وڪيل زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب گلشن حديد لنڪ روڊ تي وڪيلن ڪينالن جي تعمير خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم  ڪري ڌرڻو هنيو جتي پوليس چڙهائي ڪري لاٺي چارج شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي وڪيل ۽ اڳواڻ زخمي به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ وڪيلن جو وڏو انگ اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهچي ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مظاهري ۾ شامل وڪيلن پوليس اهلڪار کي ڏنڊو هنيو جنهن کان پوءِ لاٺي چارج ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪالهه سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن کان ڌرڻو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. جنهن ۾ هن چيو ته ڌرڻي سبب سنڌ سميت سموري ملڪ جي ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وڪيلن ۽ عوام کي درخواست آهي ته پاڻمرادو روڊ کولي ڇڏين، هن مظاهرين کي يقين ڏياريو هو ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين. ٻئي پاسي بلوچستان بار ڪونسل طرفان سڀاڻي سموري صوبي ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بلوچستان بار ڪونسل جي وائيس چيئرمين رجب بليدي چيو ته ڪينالن جي معاملي تي سنڌ جي وڪيلن سان يڪجهتي جو اظهار  ڪريون ٿا، 26هين ترميم جي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ به وڪيل احتجاجي ريليون ڪڍندا. ڪوئٽه ۾ عدالت آڏو به احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.