ايراني بندر گاهه تي ڌماڪو: فوتين جو انگ وڌي 25 ٿي ويو

 ايران جي هڪ مصروف بندرگاهه تي ٿيل خوفناڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 25 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڌماڪو ڇنڇر جي ڏينهن پيش آيو جنهن کان پوءِ سموري علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ڌماڪي جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو ويجهن عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو. ريسڪيو ادارا فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون، زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اختيارين موجب امدادي ڪارروايون جاري آهن ملبي هيٺيان دٻيل وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا جو عمل تيز ڪيو ويو آهي ڌماڪي  جا سبب اڃان تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ايران جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي  لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته عوام کان رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.