دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ گورنر کي افغانستان سان ڳالهين جي اجازت نه ڏينداسين. صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته دفاع ۽ پرڏيهي معاملن جو معاملو آئين ۾ چٽو لکيل آهي، قانوني ۽ آئيني طور تي افغانستان سان ڳالهين جو معاملو وفاق جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو چاهين ٿا ته آزادانه طور تي افغانستان سان ڊيل ڪن ته انهي جي وفاق اجازت نه ڏيندو، اهڙي عمل جي نه ڪو قانون ۽ نه آئين اجازت ڏيندو، ڪوبه پنهنجي راءِ کي وفاق تي مڙهي نٿو سگهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ۽ گورنر جيڪڏهن ڪا راءِ ڏيڻ چاهين ٿا ته اجلاسن ۾ اچي پنهنجي راءِ ۽ موقف ضرور ڏين، وفاقي حڪومت کي اچي ٻڌائين ته انهي مسئلي جو ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو.