خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان جي وانا بازار ۾ امن ڪيمٽي آفيس جي ڀرسان ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 29 زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه پوليس چيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ بازار ۾ نامعلوم دهشتگردن امن ڪميٽي جي آفيس کي بم ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال وانا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ وزيرستان وانا ۾ بم ڌماڪي ۾ هينئر تائين جي رپورٽن موجب 7 ڄڻا مارجي ويا آهن، ڌماڪي ۾ 29 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن. معمولي زخمين کي طبي امداد ڏئي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو جڏهن ته سخت زخمين کي ڊيرا اسماعيل خان منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ڌماڪي کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻجي ويا، ريسڪيو انتظاميه ملبي هيٺيان دٻيل ماڻهن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ڪي پي ڪي جي صحت واري صلاحڪار احتشام علي ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته هينئر تائين 7 ڄڻن جا لاش وانا اسپتال آندا ويا آهن، اسپتال ۾ 15 زخمين کي به آندو ويو، اسپتال ۾ زخمين جو علاج ايمرجنسي بنيادن تي جاري آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، اسٽاف جون موڪلون معطل ڪيون ويون آهن. سمورن زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏني پئي وڃي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وانا ۾ امن ڪميٽي جي آفيس جي ڀرسان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪئي جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. محسن نقوي چيو ته معصوم ماڻهن جي حياتين سان کيڏندڙ عناصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي پڪن ارادن کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.