سنڌ جي عوام جي ٻڌي، همٿ پ پ سميت وفاقي سرڪار کي پوئتي ڌڪڻ تي مجبور ڪيو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سن جي عوام جي ٻڌي هٿن وفاقي سرڪار کي پوئتي ڌڪڻ تي مجبور ڪيو آهي، ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي پرامن سياسي جدوجهد وڏي ڪاميابي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار جي بدران اهي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته سنڌ جي وڪيلن، شاگردن، نوجوانن، سول سوسائٽي ۽ سياسي ڪارڪنن قومي ڪردار ادا ڪيو آهي. پ پ پ سدائين موقعي پرستي ڪندي آهي. هن قومي اسيمبليءَ ۽ سينٽ مان قراداد پاس نه ڪرائي  ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي پر امن سياسي جدوجھد جي وڏي ڪاميابي آهي.  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جي زمينن تي والار جي بدران اهي بي زمينن هارين ۾ ورهايون وڃن هن  چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو معاملو سنڌ حڪومت جي هٿ وس آهي اها فوري ان کي ختم ڪري.  جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ ختم نه ٿي ته هاڻي احتجاج جو مرڪز ڪراچي هوندو ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ختم نه ٿيو ته ڪراچي وزير اعلي هائوس جو گهيرو ڪيو ويندو. ڪئنالن خلاف جدوجهد جنهن طرح ڪامياب ٿي آهي ائين باقي قومي مسئلن تي جدوجهد ڪرڻي پوندي.