عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 10 ڪروڙ 80 لک ڊالر جي اضافي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. عالمي بينڪ جي پڌرائي موجب رقم خيبرپختونخواهه ۾ منصوبن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. ڏوراهين علائقن جي منصوبي تي 7 ڪروڙ 80 لک ڊالر رقم خرچ ڪئي ويندي. عالمي بينڪ وڌيڪ چيو آهي ته سياحت ۽ ترقياتي منصوبي جي لاءِ 30 ملين ڊالر جي رقم خرچ ڪئي ويندي. منصوبن جو مقصد صحت، تعليم، روزگار ۽ منڊين تائين پهچ بنائڻ بهتر آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڏوراهين علائقي جي منصوبي سان 17 لک 60 هزار ماڻهن کي فائدو پهچندو. منصوبو مقامي روزگار، تربيت ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.