وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن، گهرو وزير ديني ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارتي قدمن تي پاڪستان جي موقف ۽ فيصلن تي اعتماد ۾ ورتو ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي فيصلن کان به آگاهه ڪيو. رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ فلسطين مسئلي تي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي ڀارتي قدمن تي پاڪستان جي موقف ۽ فيصلن تي مولانا کي ڀروسي ۾ ورتو ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي فيصلن جي باري ۾ به آگاهي ڏني. مولانا فضل الرحمان واضح ڪيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مسلمانن جو دشمن آهي، اسلام ۽ مسلمانن جي مقابلي ۾ جتي ڪوبه محاذ ملندو هو اتي بيهي رهندو. انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته ڀارت باهه سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو پوري طاقت سان جواب ڏيندو. گهرو وزير محسن نقوي مولانا فضل الرحمان کان خيريت پچا ڪئي ۽ انهي جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو. ٻئي پاسي گهرو وزير محسن نقوي منصوره لاهور ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ سرحدن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي حافظ نعيم الرحمان کي به نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي فيصلن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان جي اصولي موقف ۽ فيصلن کان آگاهه ڪيو. حافظ نعيم الرحمان ڀارت جي غير منطقي قدمن جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف جي تائيد ڪئي ۽ ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڀارت جي معاملي تي پوري قوم گڏ آهي، لکين بي گناهه ڪشميرين کي قتل ڪندڙ ڀارتي سرڪار کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، جماعت اسلامي جي امير فلسطين جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون به ڪيون. محسن نقوي چيو ته ڀارت ڄاڻي واڻي سازش جي ذريعي خطي جو امن تباهه ڪرڻ ڪوشش ڪري رهيو آهي، سياسي ڏاها ۽ قوم ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جي خلاف گڏ آهي پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي.