ميرپورخاص لڳ زميني تڪرار تان رانگڙ ۽ ميئو برادرين وچ ۾ جھيڙو، 2 نوجوان قتل، 3 زخمي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ، پوليس جا اٽالا پھچي ويا، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ واقعي جو اطلاع ملندي سول اسپتال پھتو ميرپورخاص ڀرسان ميرواھ گورچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ تاجو خاصخيلي ۾ 5 ايڪڙ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن سبب ٻنھي ڌرين وچ ۾ آمھون سامھون فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 سالن جو بلال عرف سڄڻ رانگڙ ۽ علي نواز ميئو مارجي ويا آھن، جن مان سڄڻ رانگڙ جو لاش سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو آھي، جتان بعد ۾ پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ سندس لاش تعلقا اسپتال ميرواھ گورچاڻي نيو ويو آھي، جڏھن تھ ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان علي نواز ميئو جو لاش سول اسپتال ٽنڊوالھيار نيو ويو آھي. ھوڏانھن جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا ظفر ميئو ۽ سرفراز ميئو زخمي ٿي پيا، جن کي پڻ سول اسپتال ٽنڊوالھيار بعد ميرپورخاص آندو پيو وڃي. مارجي ويل نوجوان سڄڻ رانگڙ جي 2 مھينا اڳ ۾ شادي ٿي ھئي. ھوڏانھن علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، جنھن سبب وڌيڪ جھيڙي جو خطرو ڏيکاريو پيو وڃي، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ پوليس جا پڻ وڏا اٽالا پھچي ويا آھن. ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملندي سياحت ۽ ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پڻ سول اسپتال ميرپورخاص پھتو، جتي ھن فوتين جي وارثن کان تفصيل ورتا. ھوڏانھن رانگڙ برادريءَ جي تصور رانگڙ جو چوڻ آھي تھ مارجي ويل نوجوان سڄڻ رانگڙ دولت مائينر طرف وڃي رھيو ھو تھ ميئو برادريءَ جي ماڻھن مٿس حملو ڪيو ۽ گوليون ھڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو. ھن وڌيڪ چيو تھ زخمين جو تڪرار ختم ٿي چڪو ھو پر ميئو برادريءَ جي ماڻھن بيگناھ حملو ڪري سندن نوجوان کي قتل ڪيو آھي. ٻئي طرف ميئو برادريءَ جو چوڻ آھي تھ رانگڙ برادريءَ وارن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ۽ ٻڻ ڄڻن کي زخمي ڪيو آھي. ھوڏانھن ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر ثمير نور چنا جو چوڻ آھي تھ ٻنھي ڌرين وچ ۾ 4 کان 5 ايڪڙ زمين تي تڪرار ھو، اڄ ھو پاڻيءَ جي واري تان وڙھيا آھن، جنھن ۾ ٻن نوجوانن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آھي ۽ ٻئي ڌريون گھر خالي ڪري ويون آھن، جتي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آھي ۽ جلد ٻنھي ڌرين جا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.