ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2100 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 49 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 99 هزار 382 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 21 ڊالر واڌ سان 3310 ڊالر في اونس آهي.