بلوچستان جي علائقي تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز تربت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر چيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.