ڪنڌ ڪوٽ پوليس جي زيادتين خلاف ڀيري برادري جو احتجاج، ٻه نوجوان گم، ماءُ جو انصاف لاءِ دانهو

ڪنڌ ڪوٽ پوليس جي ظلم خلاف متاثر عورت ۽ ڀيري برادري جو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو پوليس خلاف دانھيندي مائي زھران ڀيري چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او عباس سندراڻي باء پاس تي ھوٽل تي ويٺل منهنجي ٻن پٽن 25 سالن جو راجا عرف عاقب ڀيري ۽ 12 سالن جو علي ڀيري کي موبائيل ۾ کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي منهنجي وڏو پٽ مچ جيل کاتي ۾ پوليس اھلڪار آهي جيڪو موڪل تي آيل آهي بنا جواز گرفتار ڪري وئي آهي فوري ٻنھي پٽن کي آزاد ڪري بنا جواز گرفتار ڪندڙ پوليس اھلڪارن ۽ عملدارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي