نئون ڪوٽ: زال مڙس جا گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ، پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل

نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ علي مراد ٽالپر ۾ زال ۽ مڙس جا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا آهن. جن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب هيرو ڪولھي ۽ سندس زال گنگا جا گهر اندارن ڦاهو کاڌل لاش مليا آهن جن کي ضروري ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي. شروعاتي جاچ ۾ اهو لڳي رهيو آهي ۽  زال ۽ مڙس گهر اندر هڪ ئي رسي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. انهي حوالي سان نوجوان جي ڀاءُ ٻڌايو ته ٻنهي زال مڙس وچ ۾ معمولي ڳالهه تان ناراضگي ٿي هئي، جنهن بعد شايد ٻنهي ڄڻن اهڙو قدم کنيو آهي. جڏهن ته ناري جي پيءُ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءُ 5 ڏينهن اڳ مون وٽ آئي هئي، هوءَ خوش هئي،  خبر ناهي اهڙو قدم ڇو کنيو.