ترڪي جي صوبي باتمان سان تعلق رکندڙ هڪ ڪنوار پنهنجي وليمي جي موقعي تي ملندڙ سون فلسطيني عوام جي مدد لاءِ عطيو ڪري ڇڏيو جنهن جي ماليت تقريبن 40 هزار ڊالر يعني هڪ ڪروڙ 12 لک روپيه بڻجي ٿي. ڪنوار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هو پنهنجي شادي کي هڪ نيڪ مقصد سان شروع ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن غزه جي مظلوم عوام جي پريشانين کي گهٽ ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته منهنجو اهڙو قدم ٻين جي لاءِ به همدردي جو جذبو ۽ يڪجهتي جي تحريڪ بڻجندو. خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن اسرائيلي جارحيت جي ڪري فلسطيني عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي.