دوداپور: هٿياربندن جو ڳوٺ تي جديد هٿيارن سان حملو، ڇتي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي

دوداپور ڀرسان رات ديرسان پنهون ڀٽي  واري علائقي ۾ هٿياربندن جو ڳوٺ تي جديد هٿيارن سان حملو ڇتي فائرنگ سبب 2 سڳا ڀائر  ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته سندس هڪ ڀاءُ امڙ ۽ سندس پيءُ  سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا  ڳوٺ غلام الرسول لاشاري ۾ هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري اگهور ننڊ سُتل ٻن ڀائرن  پسند گرگيج، فهيم گرگيج  کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جو هڪ ڀاءُ، سندن امڙ ۽ پيءُ عابد گرگيج سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس  واقعي واري هنڌ ڏانهن رواني ٿي وئي آهي. پوليس ۽ مقتولن جي وارثن موجب ته جتوئي برادري جي هٿياربندن پاران ڳوٺ تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي نتيجي ۾ 2  سڳا ڀائر نينگر قتل ٿي ويا ۽ سندس ڀاءُ امڙ ۽ پيءُ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.