“ٿمي ويجهو پيرسن پنھل مهر جي گهر کي باھ، ٽي عورتون زخمي – انصاف لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج”

ٺڪراٺو(رپورٽ) ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ٿمي ۾ جوابدارن مبينا پيرسن پنھل مھر جي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي آھي مزاحمت تي لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽي عورتون مائي سرور خاتون رحمت خاتون ۽ نصرت خاتون مھر زخمي ٿي پيون زخمي عورتن کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي آيا جتان پوليس زخمي عورتن کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو متاثر پيرسن پنهل مهر پنهنجي عورتن ۽ معصوم ٻچڙن سميت هٿ ۾ پاڪ ڪتاب کڻي جوابدارن خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ پيرسن پنھل مھر الزام ھڻندي چيو ته جوابدارن صادق مھر سائينداد مھر غلام علي مھر ۽ ٻين ڳوٺ مان لڏائڻ لاء حملو ڪري گھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ لٺيون ھڻي ٽن عورتن کي زخمي ڪيو انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جي سائينداد مھر رابطي تي ٻڌايو ته الزام ھڻندڙ اسانجو مامو آھي ھُن پاڻ گھر کي باھ ڏني آھي مخالفن جي چوڻ تي اسان مٿان الزام ھنيو آھي جاچ ڪرائي وڃي ھوڏانھن ايس ايڇ او مبارڪپور عبدالحميد مھر رابطي تي ٻڌايو ته زخمي عورتن کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون متاثر پيرسن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته حملو ڪندڙ. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي