پهلگام واقعي جي اڻڌري جاچ جي لاءِ تيار آهيون: راڻا ثناءُالله

وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اسان پهلگام واقعي جي اڻڌري جاچ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي وجود کي نه پيو مڃي، ڀارت گڏيل جاچ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون، هن چيو ته ڀارت پنهنجن ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. راڻا ثناءُالله چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اسان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي پهلگام واقعي کي اٿاريو، قابض ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾  آزادي جي تحريڪ کي نه پئي روڪي سگهي. سياسي معاملن واري صلاحڪار چيو ته پهلگام واقعي کي جهڙي طرح ڀارت رپورٽ ڪيو انهي تي اسان کي شڪ آهي. پهلگام واقعي کان پوءِ سڀني کان پهريان ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو. هن چيو ته ٽئين پارٽي اسپيشل ايڪسپرٽ به پهلگام واقعي جي انڪوائري ڪري، ثابت ٿي رهيو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي کي پلاننگ جي تحت ڪيو آهي. ڪشمير جا حق خود اراديت استعمال ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.