پاڪستان پهلگام واقجي جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جو ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي ڀارت کي جاچ جي آڃ ڪري چڪو آهي. انهي معاملي تي يا ته 2. 3 ملڪ گڏجي جاچ ڪن يا پوءِ گڏيل قومن جو ڪميشن ٺاهيو وڃي. هن چيو ته بحران ۾ جنهن جا هٿ صاف هجن جاچ جي آڇ اهوئي ڪندو آهي. ڀارت جاچ جي آڇ انهي لاءِ قبول نه ڪري رهيو آهي ڇو ته انهي کي ڊپ آهي ته ڪجهه ٻيو نه سامهون اچي وڃي. خواجه آصف چيو ته ڳالهين جي امڪان کي ڪنهن به حالتن ۾ رد قرار نٿو ڏئي سگهجي. ڇڪتاڻ جتي به هجي ڳالهين جو رستو کليل هوندو آهي. دفاع واري وزير چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو امڪان گهٽ ٿيو آهي. پر ڀارت ۾ هن وقت بوکلاهٽ آهي. سموري دنيا چئي رهي آهي ته معاملو ڳالهين سان حل ٿيڻ گهرجي، آمريڪا، روس، چين، ترڪيه، ايران يا ڪوبه ملڪ انهي جاچ جي شروعات ڪري. هن سوال اٿاريو ته پهلگام ۾ هڪ طرف واقعو ٿي رهيو آهي ٻئي طرف 10 منٽن ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي وئي، پهلگام واقعي جي ساک تي ڀارت جي اندر کان ئي ڏار پئجي ويا آهن. خواجه آصف چيو ته هن وقت پاڪستان جي حڪومت طرفان قومي سلامتي جي صلاحڪار جي مقرري جو هن معاملي سان ڪوبه تعلق نه آهي.