وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان محمد نوازشريف سان اهم ملاقات ڪئي جنهن جي دوران اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. رپورٽ موجب پارٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا رائيونڊ پهتو. جتي هن پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي. پارٽي ذريعن موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ سميت ملڪ جي گڏيل سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.