پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 10 ۾ اڄ ملتان سلطان ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. پي ايس ايل سيزن 10 ۾ اڄ جو ميچ ملتان جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ملتان سلطان ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ ميچ رات جو 8 وڳي کيڏيو ويندو. پوائنٽس ٽيبل تي پشاور زلمي جا 6 جڏهن ته ملتان سلطان جا 2 پوائنٽ آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندر جي وچ ۾ ميچ کيڏيو ويو هو. جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز لاهور قلندر کي ڇرڪائيندڙ مقابلي کان پوءِ شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ کي برسات سبب 15-15 اوورز تائين محدود ڪيو ويو هو. لاهور قلندر مقرر 15 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهيون، ڪراچي ڪنگز کي ڊي ايل ايس قانون جي تحت کٽڻ جي لاءِ 168 رنسن جو حدف مليو. حدف جي تعاقب ۾ ڪراچي ڪنگز 14هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
