ڀارت جا بزدلاڻا حملا: سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، عملي جون موڪلون ملتوي

ڀارتي فضائي حملن کي نظر ۾ رکندي سموري سنڌ جي اسپتالن ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. صحت کاتي موجب صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪندي سموري طبي عملي جون موڪلون فوري طور تي ملتوي ڪيون ويون آهن. صحت کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ عملي کي 24 ڪلاڪ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ايمرجنسي رسپانس يونٽس کي الرٽ رهڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي. انهي حوالي سان صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ايمبولينس آڪسيجن، 10 فلوئيڊز ۽ دوائن جي دستيابي يقيني بنائي ويندي جڏهن ته غفلت تي سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. انهي کان علاوه ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجها رابطا ڪرڻ جي هدايت سان گڏوگڏ سمورن ايمرجنسي ڪيسز کي مڪمل ڌيان ۽ احتياط سان ڊيل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.