پاڪ فوج جي استعمال هيٺ جنگي جهاز جي ايف 17 ٿنڊر ۽ جي 10 سي ٺاهيندڙ ڪمپنين جي شيئرز ۾ رڪارڊ اضافو

 پاڪستاني فوج جي استعمال هيٺ جنگي ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ۽ جي 10 سي ٺاهيندڙ چيني جهاز تيار ڪندڙ ڪمپني چينگ ڊوائير ڪرافٽ ڪارپوريشن جي شيئرز جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. تجزيه ڪارن موجب شيئر جي قيمت ۾ اضافو پاڪ فضائيه طرفان انهن جهازن سان ڀارتي جهازن کي ڪيرائڻ کان پوءِ ٿيو آهي. دفاعي ماهرن موجب عالمي سطح تي سرمائيڪارن پاڪستاني جهازن جي تعريف ڪئي. پاڪستان وٽ هن وقت 168 جي ايف 17 ٿنڊر جهاز موجود آهن جيڪي هن چين جي تعاون سان تيار ڪيا آهن. جڏهن ته پاڪستاني فوج وٽ 25 جي 10 سي جهاز موجود آهن جيڪي پاڪستان خاص طور تي رافيل جهازن جي ٽوڙ جي طور تي 2021 ۾ حاصل ڪيا هئا. ٻئي طرف ڀارتي فوج جي استعمال هيٺ فرانسيسي رافيل جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني ڊسالٽ ايوي ايشن جا شيئر ڪري پيا آهن. ڊسالٽ ايوي ايشن جي شيئرز جي قدر ۾ 1.64 سيڪڙو گهٽتائي نظر ۾ آئي جڏهن ته گذريل 5 ڏينهن جي دوران ڪمپني جي شيئرز جي قدر ۾ 3.4 سيڪڙو جو اضافو ڏٺو ويو هو. ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان جي 5 هنڌن تي ميزائل فائر ڪيا جنهن تي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي پاڪ فضائيه  ڀارت جا  5 جهاز ۽  3 ڪمبيٽ ڊرون ڪيرايا. پاڪ فضائيه جن ڀارت جهازن کي نشانو بنايو انهن ۾ فرانسيسي ڪمپني جا تيار ڪيل 3 جديد ترين رافيل جهاز به شامل آهن. پاڪ فوج طرفان ڀارتي فوج جي ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن کي به تباهه ڪيو ويو جن جون وڊيوز به آءِ ايس پي آر طرفان بريفنگ دوران هلايون ويون. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جي خلاف صرف دفاعي حملا ڪيا. پاڪستان ڀارتي جارحيت جو جواب مناسب وقت ۽ چونڊيل هنڌ تي ڏيڻ جو اختيار محفوظ رکي ٿو.