پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ: پي ايس ايل 10 جا بقايا ميچز ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

 پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 10 جا بقايا ميچز ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ايس ايل جا بقايا ميچز ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ هو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي ڪري پي ايس ايل ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي سي بي پي ايس ايل سيزن 10 شيڊول موجب ڪرائڻ جو چيو هو. ٻئي طرف راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي فوڊ اسٽريٽ ڀرسان پاڪ فوج هڪ ٻيو ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز طرفان ڀارتي ڊرون ڪيرائڻ کان پوءِ واقعي واري هنڌ چوڌاري قناتون لڳايون ته جيئن نقصان کان بچائي سگهجي. سيڪيورٽي اداري ۽ بم ڊسپوزل جون ٽيمون چيڪنگ ۾ مصروف آهن. جڏهن ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي چوڌاري گيٽ بند ڪيا ويا آهن. اڄ پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون شام 8 وڳي آمهون سامهون ٿينديون.