ڪرمپور ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان زنده آباد عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي.

ڪرمپور ۾ ايم, پي, اي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي ۽ ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي جي هدايتن تي ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٽائون آفيس چوڪ کان ڏياڻي چوڪ تائين عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي شبير احمد دايو, سيٺ سنديپ ڪمار, بلاول رستماڻي, عبدالله جعفري, مير خان بجاراڻي, عبدالرحيم پنهور, جاويد عثمان بجاراڻي, شاهد حسين نصيراڻي, ضمير شيخ, عمران نصيراڻي, رضا محمد شيخ, سهڻو نندواڻي, علي احمد شيخ, اويس پنهور آفتاب شيخ ۽ ٻين ڪئي . ريلي ۾ سياسي, سماجي, مذهبي صحافي شخصيتن, استادن ۽ شاگردن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي پاڪ فوج جا بينر ۽ پاڪستاني جهنڊا پڻ هئا, مظاهرين چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي آخر ۾ ”پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد“ جا نعرا پڻ لڳايا ويا, ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.