وزيراعظم محمد شهباز شريف صدارتي محل ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر کي ڀارتي جارحيت ۽ پاڪستان جي طرفان آپريشن “بنیان مرصوص” جي صورت ۾ ڀارت کي ڏنل اثرائتي جواب بابت آگاهه ڪيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هئا. صدر هندستان جي بي سبب جارحيت ۽ ميزائل حملن جو مناسب جواب ڏيڻ تي ملڪ جي هٿياربند فوج جي غير معمولي پيشيورانه صلاحيت ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند قوم جي حيثيت سان ڀارتي اشتعال انگيز ڪارروائين جي سامهون ڪافي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڀارتي جارحيت جي ڪري، پاڪستان وٽ پنهنجي خودمختياري جي دفاع ۽ پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ فيصلي واري جواب ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ ڀارتي جارحيت جي منهن ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪندو.