لاهور ۾ پاڪ فوج جي فتح ۽ سيز فائر تي جشن جو ماحول، مٺايون ورهايون ويون

 لاهور ۾ پاڪ فوج جي عظيم فتح ڀارت سان سيز فائر جي اعلان تي عوام ۾ خوشي جي لهر، ڊوڙي وئي، شهر جي مختلف علائقن ۾ شهرين جشڻ ملهايو ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مشهور لبرٽي چوڪ تي سوين ماڻهن جمع ٿي پاڪ فوج زنده آباد ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا، جڏهن ته فضا جهنڊن ۽ ملي نغمن سان گونجندي رهي. مال روڊ تي واپاري برادري خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو. جنهن ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شهرين ۾ مٺايون ورهايون ويون. واپاري اڳواڻن چيو ته سيز فائر پاڪستان جي سفارتي ۽عسڪري ڪاميابي جو ثبوت آهي. شهرين پاڪ فوج جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي قومي جهنڊو کڻي مارچ به ڪيو. شهرين چيو ته ملڪ جي دفاع ۾ مصروف جوانن تي فخر ڪريون ٿا ۽ انهن سان ڪلهو ڪلهي  ۾ ملائي بيٺل آهيون.