گمبٽ: قومي شاهراهه تي جوڻيجا برادري جي ماڻهن مٿان هٿياربندن جي فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا

) گمبٽ قومي شاهراه تي تاج پيٽرول پمپ وٽ جوڻيجا برادري ماڻھن مٿان ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آھن جڏھن تہ 2 سخت زخمي ٿي پيا آهن. ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن  جي سڃاڻپ جوڻيجا برادري جي اختيار ۽ جاويد جوڻيجو طور ٿي آھن جڏھن تہ زخين م ھڪ سپاھي فوج عليءَ جوڻيجو، اظھر شاھاڻي ٻڌايو پيو وڃي. گمبٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين ۽ فوتين کي  گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو آھي پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون تہ واقعو ڪيئن پيش آيو آھي ضروري ڪارروائي بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.