16

پاڪ فوج دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو، ڀارت هاڻ ڪنهن به اڳرائي کان پهريان سئو ڀيرا سوچيندو: محسن نقوي

 گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت هاڻ ڪنهن به اڳرائي کان پهريان 100 ڀيرا سوچيندو. گهرو وزير محسن نقوي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 20 سالن جو شهيد نوجوان خاندان جو واحد سهارو هو. اسان شهيدن جي وارثن سان گڏ آهيون. شهيدن جي گهر ڀاتين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. هن چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن. اسان جي فوج دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو. ڀارت هاڻ ڪنهن به اڳرائي کان پهريان 100 ڀيرا سوچيندو.محسن نقوي چيو ته ڀارت جا پير زمين تي نه پيا ڄمن. هاڻ جنگ ميڊيا ۽ سفارتي محاذ تي به وڙهي ويندي آهي. جڏهن ته اسان ڀارت کي سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي شڪست ڏني. هن چيو ته ڀارت ڊرامو ٺاهيو اوهان کي به خبر آهي ته انهن جي انڊسٽري به ساڳيو ڪم ڪندي آهي. پي ايس ايل بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ جي بقايا ميچز بابت فيصلو رات تائين ڪري وٺنداسين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو