“ٺڪراٺو ۾ بيگناھن جي قبضي جو جواز بڻائي گهرن جي مسماري: بااثرن خلاف غلام محمد محلي واسين جو معصوم ٻارن سميت احتجاج”

ٺڪراٺو: بااثر ماڻهن ۽ پنوعاقل روينيو جي عملي خلاف محله غلام محمد مهتم واسين جو معصوم ٻارن سميت احتجاج اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پنوعاقل بااثر ماڻهن جي چرچ تي معصومن جي قبرستان جو جواز ڄاڻائي زبردستي گهرن کي مسمار ڪرڻ جو ڌمڪيون پيا ڏين ۽ روز بروز حراس پيا ڪن جڏهن ته انهن بااث ماڻهن جون سرڪاري جاين تي مارڪيٽون ٺهيل آهن انهن لاء ڪا ب ڪارروائي ناهي اسان خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي مظاهرين پاران ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ٺڪراٺو( رپورٽ) ٺڪراٺو جي محله غلام محمد مهتم جي رهواسين غلام شبير مهتم محمد مٺل مهر محمد اسماعيل نياز محمد مهتم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺڪراٺو وس روڊ تي شهر جي بااثر ماڻهن ۽ پنوعاقل روينيو عملي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين دانهيندي الزام هنيو ته شهر جو بااثر وڏيرو حاجي احمد زمان مهتم ۽ سندس ڀاڻيجا الهڏوايو الهوڌايو ۽ نوڪر الهداد مهتم معصومن جي مقام جو جواز ڄاڻائي بلا جواز اسان جا گهر مسمار ڪرائڻ چاهين ٿا انهن وڌيڪ ٻڌايو ته روينيو رڪارڊ مطابق معصومن جو مقام صرف اڍائي ايڪڙن تي مشتمل آهي پر هي بااثرسياسي اثر رسوخ تي زبردستي اسان کي گهرن مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪري تنگ ڪري رهيا آهن هنن اهو پڻ چيو ته اي سي پنوعاقل ردا ٽالپر ۽ مختيارڪار پنوعاقل شاهنوازچارڻ سياسي پريشر سبب روز اچي اسان کي تنگ ڪن پيا جڏهن ته انهن کي هاء ڪورٽ جو فيصلو پڻ ڏيکاريو آهي اسانجي خلاف رڻ ٻارائيندڙ بااثرن جون مک مارڪيٽون جيڪي مائي ستي جي قبرستان سرڪاري ڊسپينسري سرڪاري جانورن جي اسپتال ٽيليفون ايڪسچينج ۽ انگريز دئور جي چراھ گاھ جي جڳهن تي ٺهيل آهن انهن خلاف روينيو پاران ڪا به ڪارروائي ناهي انهن ئي بااثر ماڻهن جي چرچ تي اسان کي روز حراسان ڪيو پيو وڃي هوڏانهن الزام هيٺ آيل حاجي احمد زمان مهتم سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته منهنجو يا منهنجي ڪنهن ماڻهون جو ان معاملي سان ڪو واسطو ناهي سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق روينيو ڊپارٽمنٽ ڪارروائي ڪئي هوندي لڳل الزام بي بنياد آهن مظاهرين ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي