ڄامشورو ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگر فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڄامشورو ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ نينگر فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.. ٿرمل پاور ھائوس ڀرسان انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل تي سوار عورت جو برقعو ٽائر ۾ ڦاسڻ سبب موٽرسائيڪل ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 4 ڄڻا روڊ تي ڪري پيا ته پويان ايندڙ ڪار سندن مٿان چڙهي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ يوسف کوسو واسي هڪ عورت 40 ورهين جي حسنا زال محمد علي چانڊيو ۽ 6 ورهين جو ارشاد پٽ راشد چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي جي نتيجي ۾ محمد علي پٽ علي گوهر چانڊيو، سيما ڌي راشد چانڊيو ۽ سندس ڀيڻ هڪ ورھين جي خوشي زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.