مودي جي خطاب مان لڳي ٿو ته کيس اڃان تائين مڪمل سڪون نه مليو آهي: عمر ايوب

 قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته مودي جي خطاب مان لڳي ٿو ته کيس اڃان تائين مڪمل سڪون نه مليو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني 4 سال پهريان چيو هو ته مودي فالس فليگ آپريشن جو ملبو پاڪستان جي مٿان وجهندو. هن وڌيڪ چيو ته مودي جي خطاب مان لڳي ٿو ته انهن کي اڃان تائين مڪمل سڪون نه مليو آهي. همت آهي ته فاشسٽ مودي پاڪستان تي ٻيهر حملي جو شوق پورو ڪري وٺي. پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج گڏجي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي قوم کي خطاب ڪيو هو جنهن ۾ هو ڪافي ڊنل نظر آيو. هن پنهنجي تقرير ۾ پهلگام واقعي کي ظلم قرارڏنو ۽ پاڪستان تي روايتي الزامن کي ٻيهر ورجايو.