صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف شهيدن جي وارثن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري ملڪي سلامتي جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪندي چيو ته آپريشن بنيان مرصوص سان بهادر فوج دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري ڀارتي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجن شهيدن جي قرباننين تي فخر آهي. پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت جي خلاف هميشه تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج قوم ۽ ملڪي سالميت جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو. ڀارت جي جارحيت پوري پاڪستاني قوم کي وڌيڪ متحد ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو. صدر زرداري چيو ته پاڪستاني قوم ۽ بهادر فوج ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. ملڪي سلامتي، خودمختاري تي ٿيل حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. صدر ڀارتي حملن دوران قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو. شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جنگ جي دوران شهيدن جي وارثن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيدن پاڪستان جي خودمختاري تي ڪابه آنچ نه اچڻ ڏني. شهيدن ملڪ کي ناهي وساريو نه ئي وساريندا. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت جو واعدو پورو ڪيو، پوري قوم کي پنهنجن شهيدن ۽ انهن جي گهر ڀاتين تي ناز آهي. بهادر سپوتن جي قربانين کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. شهيدن جي گهر ڀاتين جي ڪفالت رياست ڪندي. اسان پرامن قوم آهيون ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جنگ جي دوران شهيد ٿيندڙن جي لاءِ شهداءِ پيڪيج جو پڻ اعلان ڪيو هو.