تعلقي حيدرآباد واري علائقي ھوسڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوناري ڀرسان سرڪاري فليٽن ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري ڀيڻوئي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ جوابدار ڀيڻ تي پڻ ڪهاڙين جا وار ڪيا جيڪا معجزاڻي طور تي بچي وئي. زخمي ٿيل عورت عزمت خاتون صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ بلال سولنگي ۽ منهنجي اڳئي مڙس مان ڄاول پٽ نورو عرف نور محمد سولنگي گڏجي مون تي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جوابدارن منهنجي مڙس فيرو ولد مراد کي ڪهاڙين جار وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. قتل ٿي ويل جي لاش کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته زخمي کي هوسڙي پوليس پاران ليٽر جاري ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.