آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي نازڪ صورتحال تي آهي، آمريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ٿي. هن اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي وفد سان سفارتخاني ۾ ملاقات جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ڪئي.سينيٽر سويلين ۽ فوجي آفيسرن تي ٻڌل وفد سان آمريڪا جي نيئرايسٽ سائوٿ ايشيا سينٽر فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جا سينئر آفيسر به موجود هئا. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ رضوان سعيد شيخ آمريڪي مداخلت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته موجوده جنگبندي نازڪ آهي. جمون، ڪشمير جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آمريڪا سميت عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ڀارت تي واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي تي هڪ طرفا قدم علاقائي استحڪام لاءِ خطرو هوندا. انهي کان علاوه ٽرمپ انتظاميه سان تعلق جي باري ۾ پاڪستاني سفير چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو نئون دور مضبوط اقتصادي لاڳاپن تي ٻڌل آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو هو ته آمريڪي صدر ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي ڇو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيو ڪليئر فليش پوائنٽ آهي.
