ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب سامهون ڳوٺ راجا خان بجاراڻي جي رهواسي پورهيت جو ڪرمپور پوليس خلاف احتجاج محمد رمضان ٽانوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ مهينا اڳ اسان جي برادري جي شر پسند عناصرن علي بخش ٽانوري واحد بخش سعيد احمد ٽانوري علي اڪبر سميت ٻين جوابدارن منهنجي ٻانهن ڀڳي هئي جنهن بعد مون انهن مٿان ڪورٽ سڳوري وسيلي مٿن ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس انهن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي جوابدار مون کي هاڻ به موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مان وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪريان ٿو ته منهنجي دانهن جي داد رسي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي