تفصيل موجب ڪشمور ٿاڻي جي حد م پوليس جي موجودگي م نامعلوم هٿياربندن مال پڙي تي چڙهائي ڪري ڀٽا برادري جي نوجوان مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ء فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب اوٻاڙوواسي نوجوان اقبال احمد ڀٽو ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته فائرنگ جي دوران مال پڙي م ڀاج پئجي وئي هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو هوڏانهن وارثن موجب ته اسان جو نوجوان اقبال احمد ڀٽو اوٻاڙو کان ڪشمور م مال جو واپار ڪرڻ لاءِ آيو هو 3 نامعلوم هٿياربندن وچ شهر ء مال پڙي م پوليس جي سامهون هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا هئا جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب نوجوان ٿڏي تي مارجي ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي